حيدر بخش جتوئي

حيدر بخش جتوئي

جتوئي حيدر بخش ڪامريڊ

جتوئي حيدر بخش ڪامريڊ: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، 7 آڪٽوبر 1901ع تي ڳوٺ ’بکو ديري‘ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو فقير الهداد جتوئي هو. حيدر بخش جتوئي ابتدائي تعليم پنهنجي ويجهي ڳوٺ پٺاڻ تعلقي ڏوڪريءَ مان 1911ع ڌاري ورتي. جتان هن سنڌي ست درجا پڙهي فائنل جو امتحان سڄي سنڌ ۾ پهرئين نمبر سان 31 آڪٽوبر 1918ع تي پاس ڪيو. لاڙڪاڻي جي مدرسة الاسلام مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1927ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ بي. اي (آنرس) جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين. ان کان پوءِ عملي دنيا ۾ پير رکيائين.

1931ع ۾ هيءُ بدين جو مختيارڪار ٿيو. نوڪريءَ دوران هي ڊگهڙي، ڏوڪري، گهوٽڪي، بدين، ميهڙ ۽ جيڪب آباد ۾ رهيو. سن 1943ع کان 1944ع تائين اسپيشل رڪوري آفيسر ڪو آپريٽو سوسائيٽيز هو. جتان کيس ڊپٽي ڪليڪٽر بڻايو ويو. 1944ع ۾ حرن خلاف قائم ٿيل اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيو ۽ پنهنجي مقرريءَ واري عرصي دوران فقيري مزاج هئڻ ڪري، هن هڪ ٻن حر مجاهد کي ڦاسيءَ جي سزا ڪا نه ڏني. آخرڪار عام ماڻهن سان ظلم ڏسي هن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان 1935 ۾ استعيفا ڏئي ڇڏي. هن پنهنجي باقي بچيل حياتيءَ کي ملڪي ۽ قومي خدمت وارن ڪمن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. سندس شخصيت قرب، وفا، سچائي، محبت، نيڪي، خدا ترسي، همدردي، قول ۽ فعل جي پابنديءَ جهڙن اعليٰ گڻن سان سنواريل هئي. حيدر بخش جتوئي جيڪو ڪجهه چيو اها خالي لفاظي هرگز نه هئي، پر عملي طور هن اهو سڀ ڪري ڏيکاريو. نوجوانن جا ذهن آدرش سان سنوارڻ خاطر هن نوجوانن سان ملاقاتون ڪيون. فڪر انگيز ليڪچر ڏنا. هن اٻوجهه ۽ اياڻن هارين ۽ عام ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي. هن جي نرالي سڀاءَ واري شخصيت ۾ شاعراڻو مزاج منڍ کان فطري طور شامل رهيو. هو هڪ ’انقلابي‘ ۽ ’ترقي پسند‘ شاعر هو ۽ هڪ قومي، انقلابي ۽ سماجي تبديليءَ واري راهه جو پانڌيئڙو هو. هن جڏهن ادب جي دنيا ۾ پير پاتو ته اهو دؤر سنڌي شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ گل ۽ خار، جام ۽ ساقي، ناز ۽ انداز، حسن ۽ عشق، وفا ۽ بيوفائيءَ جهڙن موضوعن سان ڀريل هو. هن ان دؤر ۾ نواڻ ۽ جدت پسنديءَ جي چونڊ ڪئي. سندس شاعريءَ کي ٽن حصن: (1) ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي شاعري، (2) قومي ۽ انقلابي شاعري، (3) اصلاحي ۽ طنزيه شاعري ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي محب وطن، جفاڪش ۽ محنتي هارين جي خوب ساراهه ڪري ٿو. هو هڪ مرد مجاهد هو، سنڌ جو سچو عاشق هو. هن جي قومي ۽ انقلابي شاعريءَ ۾:

(1) سلام سنڌ (1947ع)، (2) حيوان انسان (1947ع)، (3) جيئي سنڌ! جيئي سنڌ! جام محبت پيئي سنڌ (1947ع)، (4) بلوچستان زنده باد (طنزيه) (1947ع)، (5). اي! مٺـي جيـجـل اي! سـنـڌ سـونهـاري (1947ع)، (6) پاڪستان زنده باد (1947ع)، (7) ائٽم بم (طنزيه) (1953ع)، (8) سنڌ پياري (1954ع)، (9) اي سنڌي وڏيرا ڪجهه انسان ٿي (1954ع) ۽ درياهه شاهه جهڙا لافاني نظم شامل آهن. هن جا طويل مخمس نظم ’آزاديءِ سنڌ‘ ۽ ’تحفهء سنڌ‘ برصغير جي ورهاڱي کان اڳ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا هئا ۽ مٿس ڪفر ۽ ملڪ دشمنيءَ جي پرچارڪرڻ جو الزام هڻي سندس ٻئي ڪتاب انگريز حڪومت ضبط ڪيا. سندس اهي طويل نظم سنڌي شاعريءَ ۾ طويل نظم جي تاريخ جو پهريون ۽ انوکو تجربو مڃيا وڃن ٿا، کيس ان ڳالهه ۾ پختو ايمان هو ته جڏهن به سنڌ ۾ تبديلي رونما ٿيندي ته ان جي واڳ نوجوانن جي هٿن ۾ هوندي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو تعلق سنڌ جي ٻهراڙيءَ واري علائقي سان هو. جتي هن پنهنجي هوش سنڀالڻ واري عمر کان وٺي اٻوجهه، مسڪين هارين، غريبن کي بيڪسي واري حالت ۾ جيئندي ڏٺو. هو شروع کان وٺي هارين مزدورن جو هڏ ڏوکي ٿي رهيو ۽ اهڙي وقت جي انتظار ۾ رهڻ لڳو، جنهن ۾ هو عملي طور تي انهن خاطر ڪجهه ڪري سگهي. سنڌ ۾ هاري ڪاميٽي جو پايو وجهندڙ مثالي ۽ جاکوڙي انسانن ۾ دادا ڄيٺمل پرسرام،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، جمشيد مهتا ۽ سائين جي. ايم. سيد شامل هئا، جن هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد 1930ع ۾ وڌو هو، جنهن جو بنيادي مقصد غريب هارين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ هو، جيڪي جاگيرداري ظلم جي جنڊ ۾ پيسجي رهيا هئا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ڊپٽي ڪليڪٽري تان استعيفيٰ ڏيڻ بعد ٿوري ئي عرصي دوران سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو باضابطه پهريون جنرل سيڪريٽري بڻيو، پوءِ ستت ئي 1947ع ۾ رتيديري واري اجلاس ۾ کيس سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. جنهن عهدي تي آخري وقت تائين رهيو. هن هارين جي حقن لاءِ جيڪي قابل تحسين خدمتون سر انجام ڏنيون آهن، تن جو وچور ڪجهه هن ريت آهي:

1. هن هفتيوار اخبار ’هاري حقدار‘ شروع ڪئي ۽ ان ۾ ايڊيٽر جي حيثيت سان هارين جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريائين.

2. سنڌ جي هر هڪ تعلقي ۽ ضلعي سطح تي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جون آفيسون قائم ڪيائين.

3. ننڍن وڏن شهرن ۾ هاري ڪانفرنسون ۽ جلسا جلوس منعقد ڪرائي هارين ۾ جاڳرتا آندائين.

4. سنڌ جا دورا ڪري هارين کي پنهنجن بنيادي حقن کان آگاهي ڏنائين.

5. 1945ع کان 1947ع تائين اڌ بٽئيءَ جي تحريڪ شروع ڪري، ان کي ڪامياب ڪيائين.

6. 1951ع ڌاري صوبائي اسيمبليءَ اڳيان هزارين هارين جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هڻي سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرايائين.

7. 1947ع ۾ حيدرآباد ۾ هارين جي حقن بابت اديبن، شاعرن ۽ محققن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري، هارين لاءِ آواز اٿاريائين ۽ انهن جا مطالبا مڃرايائين.

8. 1958ع ۾ هارين جو هڪ وفد تيار ڪري ان وقت جي صدر اسڪندر مرزا سان ملاقات ڪري، هارين جي بنيادي مسئلن بابت آگاهي ڏنائين.

9. هارين جي حقن خاطر ڪيترا ئي مضمون ۽ مقالا لکيائين، اشتهار ۽ پمفليٽ شايع ڪرايائين.

ذڪر ڪيل خاص ڪارنامن جي ڪري هن مختصر عرصي دوران سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هارين کانسواءِ عام ماڻهن ۾ به مقبوليت ماڻي ورتي. ان حد تائين جو کيس عزت احترام طور ’باباءِ سنڌ‘ جي لقب سان سڏيو ويو. هن هاري تحريڪ کان سواءِ عملي طرح سياست ۾ حصو ورتو. سن 1945ع واري اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي مان بيٺو. 1951ع ۾ قمبر- شهدادڪوٽ مان اليڪشن ۾ بيٺو، پر وڏيرڪي نظام مضبوط هئڻ سبب ڪامياب نه ٿي سگهيو. ننڍين ضمني چونڊن لاءِ دادو، نوابشاهه ۽ سانگهڙ ۾ چونڊن ۾ بيٺو، پر مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا ۽ سرڪار مٿس پابندي مڙهي ڇڏي. سنڌ ڌرتيءَ جي هن عظيم فرزند پنهنجي زندگي سماجي قومي، ادبي ۽ صحافتي ميدان ۾ ايمانداري ۽ آدرش سان گذاري، 3 مارچ 1970ع ۾ کيس جگر ۽ ڪينسر جو مرض ظاهر ٿيو، پر پوءِ به اديبن، عالمن، شاعرن، نثر نويسن سان رهاڻيون ۽ ملاقاتون ڪري کين ڌرتيءَ جي مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهڻ جي تاڪيد ڪندو رهيو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) تحفة سنڌ (شاعري-1930)، (2) آزاديءِ قوم (شاعري- 1943ع)، (3) سنڌ اسيمبلي اليڪشن پٽيشن (نثر، انگريزيءَ ۾: 1950ع)، (4) هاري ڪهاڻيون (نثر: 1950ع)، (5) بل ٽو امينڊ سنڌ ٽيننسي ائڪٽ (نثر، انگريزيءَ ۾: 1950ع)، (6) اپيل ٽُو سٽيزنس آف پاڪستان (نثر، انگريزيءَ ۾: 1951ع)، (7) هاري انقلاب (نثر: 1953ع)، (8) هاري گيت (1951ع)، (9) ڪمدار جا ڪارناما (ڊراما: 1953ع)، (10) ڊيموڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽرشپ ان پاڪستان- چار حصا (نثر، انگريزيءَ ۾: 1955ع)، (11) ڊيموڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس (نثر، انگريزيءَ ۾: 1956ع)، (12) ان جسٽ لئنڊ اسيسمينٽ ريٽس (نثر، انگريزيءَ ۾: 1957ع)، (13) سنڌي لئنگئيج اسٽي ان ڪراچي آر ناٽ (انگريزي: 1957ع)، (14) لئنڊس اِن سنڌ،هو شُڊ اون ديم؟ (انگريزي: 1957ع)، (15) ون يونٽ ۽ ڊيموڪريسي (انگريزي: 1962ع)، (16) ڊسپوزل آف اويڪيو پراپرٽي (انگريزي: 1957ع) شامل آهن، ان کانسواءِ هن قرآن مجيد جو موضوع وار انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو به سندس شاهڪار ڪارنامو آهي.

سنڌ ڌرتيءَ جي هن عظيم اڳواڻ ۽ انساني درد رکندڙ انسان، 21 مئي 1970ع تي لاڏاڻو ڪيو.



لفظ جتوئي حيدر بخش ڪامريڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.10.07  عيسوي

جتوئي حيدر بخش ڪامريڊ: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، 7 آڪٽوبر 1901ع تي ڳوٺ ’بکو ديري‘ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو فقير الهداد جتوئي هو.


1970.05.21  عيسوي

سنڌ ڌرتيءَ جي هن عظيم اڳواڻ ۽ انساني درد رکندڙ انسان، 21 مئي 1970ع تي لاڏاڻو ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جارج بوٿ تروٽ ڪرنل
صالح حاجاڻو
ٽيپو سلطان
پير نور شاهه هاشمي
سوامي شانتي پرڪاش
سيد ميران محمد شاهه
حاجي شاهه محمد بلوچ
جڳواڻي سندر مينگهراج مجرم
شاهد سلام ٿهيم
خورشيد احمد شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون